SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Bruntland Commission Report BCR

(click word to listen sound
  • 🔊
  • bruntland
  • kəmiʃən
  • repɔːt
  • bcr
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Bruntland Commission Report BCR

برنٽلئنڊ ڪميشن رپورٽ

ماحول ۽ ترقيءَ بابت برنٽلئنڊ ڪميشن رپورٽ

1983ع ۾ ناروي جي وزيراعظم گِروهارلم، برنٽلئنڊ جي سرواڻيءَ ۾ گڏيل قومن طرفان ماحوليات بابت هيءَ ڪميشن جوڙي وئي، جنهن 1987ع ۾ پنهنجي رپورٽ پڌري ڪئي. هن ڪميشن جي مقصدن ۾ دُنيا ۾ ”ماحولياتي وسيلن“ جي استعمال ۾ ايندڙ خطرناڪ تيزيءَ جا سبب معلوم ڪرڻ، صنعت گيريءَ جي ڪري دُنيا ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ صنعتي گند تي ضابطو آڻڻ، ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ اُسرندڙ ملڪن جي حيثيت اُسريل صنعتي مُلڪن کان تمام پوئتي هُجڻ ۽ نتيجي ۾ سندن زندگيءَ جي معيار ۾ مسلسل پستيءَ جا ڪارڻ ڏسڻ کان سواءِ، مستقبل جي انساني نسلن لاءِ بهتر ماحولياتي سرشتو برقرار رکڻ جي سلسلي ۾ جوڳا اُپاءَ وٺڻ هو. 1987ع ۾ هن ڪميشن جي ”اسان جو گڏيل آئيندو“ جي عنوان سان ڏنل رپورٽ ۾ دُنيا جو ڌيان ڇڪائيندي زور ڏنو ويو، ته معاشي ترقيءَ کان سواءِ دُنيا جو ڪاروهنوار دُرست رُخ ۾ نه هلي سگهندو ۽ ان لاءِ اسان کي قدرتي وسيلن جي زيان ۽ ماحول کي گدلو ڪرڻ بنا اڳڀرائي ڪرڻي پوندي. ”دُنيا جي اهڙي ترقي، جنهن ۾ ايندڙ نسلن جي ضرورتن تي سمجهوتو ڪرڻ بنا، اڄوڪي دور کي ڪيئن مستقل ترقيءَ جي راهه تي آڻجي؟“ واري عنوان تحت تيار ڪيل هن رپورٽ کي ”پائيدار ترقيءَ“ (Sustainable Development) جي اصطلاح تحت سُڃاتو وڃي ٿو. هيءَ رپورٽ جنهن کي World Commission on Environment and Development (WCED) يا ’ماحوليات ۽ ترقيءَ جي عالمي ڪميشن‘ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو ، ان ۾ هيٺين خاص نُڪتن تي زور ڏنو ويو آهي. 1-عالمي مساوات تي زور ڏيندي غريب مُلڪن تائين وسيلن جي پهچ ڪرائڻ ته جيئن اُهي به ترقي ڪري سگهن. 2.هر مُلڪ پنهنجي وسيلن ۽ ذريعن کي وڌائيندي ترقيءَ ۽ ماحولياتي بقا جي اصولن تي عمل ڪري سگهي. 3.ترقيءَ ۽ واڌ لاءِ سماجي تبديليءَ ۽ فني مهارت جو حصول اڻ- ٽر آهي. 4.پائيدار ترقيءَ لاءِ ماحول جي بچاءَ، سماجي مساوات ۽ معاشي ترقيءَ جو حاصل ٿيڻ ضروري آهي ۽ ان ڏس ۾ سن 2000ع ۽ ان کان پوءِ جي دُنيا لاءِ اڳ- ڳڻتيءَ تي ٻڌل پائيدار اُپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي


Remember Me Also:

ڪاموه

ذ. بيماريءَ جو هڪ قسم، جنهن ۾ جانورن جي سارَ رحم ٻاهر نڪري پوي. وڻ جو هڪ قسم ت.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal